ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌودرياءَ تي گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل منصوبي جي اڳڀرائي بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي، ٻوڏ ۽ ٻين مسئلن سبب معطل ٿيل تعميراتي ڪم ٻيهر شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا۔ وڏي وزير چيو ته مان نومبر ۾ ذاتي طور پل جي سائيٽ جو دورو ڪندس ۽ وزير کي هدايت ٿو ڏيان ته منصوبي جي اڳڀرائي جو لڳاتار جائزو وٺندو رهي جيئن هي منصوبو اڍائي ورهين جي اندر مڪمل ٿي سگهي. اجلاس خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير ضياءُالحسن لنجار، حاجي علي حسن زرداري، وڏي وزير جو خاص مددگار سيد قاسم نويد، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ورڪس نواز سوهو، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ ٿياورڪس کاتي اجلاس کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته گھوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ جا اپروچ روڊ ۽ ٺل لنڪ روڊ مڪمل ٿي ويا آهن۔ اهڙي طرح جري واھ، گھوٽا فيڊر ڪينال ۽ ٽبي مائنر تي ٽي پل به تعمير ٿي ويا آهن۔ پل جا 38 پائپ ڪلورٽ مڪمل ٿي ويا آهن جڏهن ته 732 مان 379 پائلز جو ڪم به مڪمل ٿي ويو آهي۔ پر درياءِ ۾ سخت ٻوڏ جي ريلن سبب تعميراتي سرگرميون معطل آهن۔ وڏي وزير ورڪس کاتي کي هدايت ڪئي ته نومبر ۾ ٻوڏ جي پاڻي لهڻ کان پوءِ تعميراتي ڪم ٻيهر مڪمل پيماني تي شروع ڪيو وڃي۔