ارمچي(م ڊ) چين جي ڪميونسٽ پارٽي سنڪيانگ جي سيڪريٽري چن شياوجيانگ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين دهشت گردي ۽ عليحدگي پسندي خلاف برداشت نه ڪرڻ جوڳي پاليسي تي سختي تي عمل ڪندا رهندا.صدر مملکت آصف علي زرداري اُرمچي ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي سنڪيانگ جي سيڪريٽري چن شياوجيانگ سان ملاقات ڪئي، جتي سنڪيانگ جو گورنر ارڪن تونيارز به موجود هو۔ چن شياوجيانگ صدر زرداري جو پرجوش استقبال ڪيو. سنڪيانگ جي ڪميونسٽ پارٽي سيڪريٽري ٻڌايو ته صدر آصف زرداري فيبروري 2025 ۾ بيجنگ ۾ صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن دوران ڪيترن اهم معاهدن تي صحيون ٿيون.هن چيو ته تازو وزيراعظم شهباز شريف جي دوري دوران سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ تيزي آئي آهي، سنڪيانگ هاڻي خوشحالي ۽ پائيدار امن جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. چن شياوجيانگ وڌيڪ چيو ته سنڪيانگ انتهاپسندي جي بنيادي سببن تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي ۽ سماجي ترقي لاءِ به عمل پيا ٿين. ان موقعي تي صدر آصف زرداري چيو ته چين جي عوام جي يڪجهتي ۽ سنڪيانگ جي ترقي نهايت متاثر ڪندڙ آهي۔ پاڪستان ۽ چين جي دوستي هر امتحان ۾ ڪامياب رهي آهي ۽ اها پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ آهي.صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان، چين سان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ تعاون جاري رکندو۔ ٻئي ملڪ زراعت، صنعت، معدنيات ۽ نئين ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وڌائيندا.ان ملاقات ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا، سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر شاهه، پاڪستان ۽ چين جا سفير به شريڪ هئا.