نوشهروفيروز( ڊ ر)ايس يو پي سنڌ جي صدر سيد زين شاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مورو واقعي ۾ شهيد ٿيل ٻن نوجوانن ۽ جيل ۾ قيد 54 ڄڻن جي ڪيس جو اڄ چالان پيش ٿيڻو هيو جيڪو اڄ پيش نه ٿي سگهيو اسان ڳوٺ لغاري بجاراڻي جي ڳوٺاڻن ۽ قومي ڪارڪنن سان يڪجهتي طور آياسين پر کين عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو هن چيو ته پنهنجي ڌرتي ۽ پاڻيءَ جي مالڪي ڪرڻ لاءِ نڪتل پر امن احتجاج تي ويٺل ڪارڪنن مٿان رياست ۽ پيپلزپارٽي جي خانگي دهشتگردي ٻه نوجوان شهيد ڪيا ۽ ٻين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا جن کي مختلف جيلن ۾ قيد ڪيو ويو آهي هن چيو ته جعلي اليڪشن ذريعي آيل حڪمران وسيلن جي لٽ مار ۾ رڌل آهن جن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ڪجهه سياسي پارٽين کي سياست ڪرڻ ڏني پئي وڃي ته وري ٻين سياست ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ وطن جي دفاع ڪندڙ مالڪن کي يرغمال بڻايو ويو آهي پر اسان قومي ڪارڪنن کي اڪيلو نه ڇڏينداسون هن وڌيڪ چيو ته مورو واقعي جي سياسي قيدين جي ملاقات بند ڪري انهن کي هراسان ڪيو ويو آهي هن چيو ته ميوزڪ ٽيچرن کي سردار شاه ڪوڙ ا آفر ليٽر ڏئي پيو، غريب فنڪارن ڏنڊا ھڻي ھنن سنڌ فتح ڪري ورتي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، ڪٺ پتلي ڪرپشن خور حڪمرانن جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي، ان موقعي تي نائب صدر روشن ٻرڙو، اسلم ڪوريجو، رضا بهڻ، خادم سيال ،مهر وسطڙو، سڪندر اعظم ڪلهوڙو، آصف سولنگي ٻيا ڪارڪن موجوده هيا