ڪراچي ۾ ”سسٽم“ جا اختلاف،ٻن شخصيتن وچ ۾ سردجنگ؟

ڪراچي(شڪيل نائچ)ڪراچي ۾” سسٽم“ جا اختلاف،ٻن شخصيتن جي اجاره داري واري جنگ ۾ هڪ شخصيت ڪامياب،ذريعن موجب طاقتور قوتن جون سنڌ ۾ هلندڙ ”سسٽم“ تي نظرون آهن، جنهن بعد  سسٽم ۾ ڪم ڪندڙن کي ڪجهه وقت لاءِ روپوش رهڻ لاءِ چيو ويو هو،پر تازي فيصلي سنڌ جي بيوروڪريسي کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي،خبر اها آهي ته ٻن وڏن شخصيتن، جيڪي هن ”سسٽم“ ۾اهم حيثيت رکن ٿا، انهن جي وچ ۾ سخت ٽڪراءُ ٿي پيو آهي۔ گذريل ڪيترن سالن کان هڪ شخصيت جو پلڙو ڳرو رهيو، پر هاڻي ٻي شخصيت اهم ترين شخصيت سان ويجهو ٿي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ زمينن تي قبضن، کاتن جي تبديلي، مختيارڪار ۽ تپيدار مقرر ڪرڻ جا اختيار هڪ شخصيت کان کسي ٻئي کي ڏنا ويا آهن۔2008ع کان 2025ع تائين لڳ ڀڳ 50 کرب رپين جي زمينن تي قبضو ڪيو ويو ۽ ان جي نتيجي ۾ ملندڙ رقم لانڊرنگ ذريعي ٻاهر موڪلي وئي۔ ڪراچي، حيدرآباد، سکر سميت وڏن شهرن ۾ هن سسٽم وسيلي بي انتها ڦرلٽ ٿي آهي، زمينن جي کاتن ۾ ايتري هيراڦيري ٿي آهي جو جيڪڏهن تحقيقات ڪئي وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ 5 سال لڳي سگهن ٿا۔هاڻي فيصلو ٿيو آهي ته هڪ شخصيت کي عمر وڌڻ سبب پاسي ڪيو وڃي، جڏهن⁠ته ٻي شخصيت کي وڌيڪ سرگرم رکيو وڃي۔ ڪراچي اولهه ضلعي جو وڏو حصو هڪ وزير حوالي ڪيو ويو آهي، جنهن کي طاقتور قوتن ۽ هڪ اهم ترين شخصيت جو ويجهو ساٿي چيو وڃي ٿو۔ هو ڪراچي جي زمينن جو وڏو بادشاهه سمجهيو وڃي ٿو،تازو سسٽم جي ذميواري ملندڙ شخصيت کي چيو ويو آهي ته  لاڳاپيل صوبائي وزير سان ٽڪراءُ نه ڪري، ڇو⁠ته ٻئي “ڪمائو پُٽ” آهن۔ سسٽم ۾ سڀني کي حصو ملي ٿو جڏهن ته ڪراچي ۾ حالت اها آهي ته هڪ تپيدار، جيڪو پنجين يا ستين گريڊ جو ملازم هوندو آهي، ان جي مقرري يا تبديلي به سنڌ جو اهم ترين عهدو رکندڙ ٰ نٿو ڪري سگهي۔ اهو اختيار صرف ”سسٽم“ ۾ شامل ماڻهن وٽ آهي ،ان سبب ڪراچي ۾ هڪ وڏي “مارڪيٽ” کلي وئي آهي ـ جيڪو چاهي زمين خريد ڪري، چالان ڪڍائي، کاتو تبديل ڪرائي، ڪمرشل يا رھائشي حيثيت ڏيارائي، سڀ ڪجهه ممڪن آهي، پر ڪوبه ادارو هٿ وجهڻ جي جرئت نٿو ڪري

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.