ماڊل سبحان عميس ۽ عبير اسد شاديءَ جي ستن مهينن بعد ئي ڌار ٿي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اُڀرندڙ ماڊلز سبحان عميس ۽ عبير اسد جي وچ ۾ شادي جي رڳو ست مهينن بعد ئي عليحدگي ٿي وئي، جڏهن ته ٻنهي طلاق لاءِ به قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.
ٻنهي ماڊلز فيبروري 2025 ۾ ڪجهه عرصو لاڳاپن ۾ رهڻ بعد شادي ڪئي هئي ۽ سندن شادي ۾ فيشن، شوبز ۽ ميوزڪ سان واڳيل شخصيتن سميت ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي هئي.
ٻنهي جي شادي جون وڊيوز ۽ تصويرون به وائرل ٿيون هيون، پر هاڻي ٻنهي رڳو ست مهينن بعد ئي ڌار ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
ماڊل سبحان عميس پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ زال ماڊل عبير اسد سان عليحدگي جي تصديق ڪئي.
هن اسٽوري ۾ لکيو ته هن ۽ سندس زال گڏيل راضپي سان هڪٻئي کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته اڃا تائين سندن وچ ۾ طلاق نه ٿي آهي.
هن چيو ته سندن طلاق جا معاملا مڪمل نه ٿيا آهن، پر اهو طئي آهي ته سندن وچ ۾ طلاق ٿيندي.
سبحان عميس طرفان زال سان عليحدگي ۽ جلد طلاق جا معاملا طئي ٿيڻ واري پوسٽ وائرل ٿي وئي ۽ ٻين سوشل ميڊيا پيجز به ان کي شيئر ڪيو.
شوبز شخصيتن ۽ مداحن سندن شادي ختم ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي، ٻنهي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.