اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس ثمن رفعت امتياز طرفان وڪيل ايمان مزاري جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر خلاف داخل شڪايت تي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ عدالت جي انتظامي عملي کيس هراسگي جون شڪايتون ٻڌڻ جي اختيارن کان محروم ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ثمن رفعت امتياز کي هراساني ڪميٽي جي سربراهي تان هٽايو ويو.
ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي حڪمن جي روشني ۾ جسٽس ثمن رفعت امتياز کي هٽائي جسٽس انعام امين منهاس کي عورتن جي هراساني ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس ثمن رفعت امتياز کي عهدي تان هٽائڻ جا لکت سبب به جاري ڪيا ويا آهن.
اهو فيصلو وڪيل ايمان مزاري طرفان جج خلاف هراساني جي درخواست وصول ڪرڻ کانپوءِ ڪيو ويو آهي.
ايمان مزاري هراساني ڪميٽي ۾ شڪايت داخل ڪندي چيو هو ته کيس هراسان ڪرڻ تي معاملو مجاز اٿارٽي سپريم جڊيشل ڪائونسل کي موڪليو وڃي.
You might also like