ڪڏهن به ايوارڊن بابت ناهي سوچيو، منهنجا ڪردار ماڻهن کي ڳنڍين ٿا اِهو ئي مون لاءِ اعزاز آهي: منوج باجپائي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان کي بلاڪ بسٽر فلم ”جوان“ تي پهريون نيشنل ايوارڊ ملڻ بعد جاري بحث تي منوج باجپائي به خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
فلمي دنيا سان واڳيل ڪيئي ماڻهن جو چوڻ هو ته اِهو اعزاز اداڪار منوج باجپائي کي هن جي فلم ”صرف ايڪ بندا ڪافي هي“ ۾ شاندار اداڪاري تي ملڻ گهرجي ها.
ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي منوج باجپائي شاهه رخ خان سان پنهنجي اداڪاري جي ڀيٽ کي رد ڪندي چيو ته” هي هارائڻ وارن جون ڳالهيون آهن.“
هن تسليم ڪيو ته ”صرف ايڪ بندا ڪافي هي“ سندس ڪيريئر جي خاص فلمن منجهان آهي، پر هن نظر ۾ ايوارڊ جو فيصلو هاڻي ماضيءَ جو حصو آهي ۽ ان کي اتي ئي ڇڏي ڏيڻ گهرجي.
هن چيو ته اِها فضول ڳالهه آهي ڇو ته اُهو وقت گذري چڪو آهي، هيءَ منهنجي فلمي سفر ۾ هڪ خاص فلم رهندي، پر اهڙن معاملن تي ڳالهائڻ منهنجي لاءِ ” شڪست کاڌل ماڻهن جيان“ هوندو، اِهو سڀ ماضي آهي، ان کي اتي ئي رهڻ ڏيو.
منوج باجپائي جو چوڻ هو ته ايوارڊ هاڻي پنهنجي ساک وڃائي رهيا آهن ڇو ته هاڻي انهن جو لاڙو گهڻي ڀاڱي ڪمرشل ڪاميابي کي ساراهڻ ڏانهن وڌي ويو آهي.
هن چيو ته اِهو رڳو نيشنل ايوارڊز جو مسئلو نه آهي، هڙني ايوارڊن سان ساڳي ڪار ٿئي ٿي، هر اداري کي سوچڻ گهرجي ته هو ڪهڙي پاسي وڃي رهيا آهن، منهنجي عزت منهنجي ڪردارن جي چونڊ سان جڙيل آهي ڪنهن ايوارڊ سان نه.
منوج باجپائي چيو ته مان بنيادي طور تي انعامن يا اعزازن جي تصور تي يقين نٿو رکان ڇو ته ڀارتي سئنما مختلف ٻولين تي ٻڌل آهي ۽ ڪنهن به ايوارڊ سان سڀني فنڪارن جي ڪارڪردگي کي برابر پرکي نٿو سگهجي.
هن وڌيڪ چيو ته منهنجي نظر ۾ ايوارڊز رڳو گهر جي سينگار جو سامان آهن، اصل ڪاميابي ڏسندڙن سان جڙڻ ۽ ڪهاڻي کي بهتر طريقي سان بيان ڪرڻ ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.