دبئي (ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) نيڌرلينڊز جي فاسٽ بالر ويون ڪنگما تي پابندي هڻي ڇڏي.
آءِ سي سي موجب، اينٽي ڊوپنگ ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ويون ڪنگما کي 3 مهينن لاءِ معطل ڪيو ويو آهي.
12 مئي تي آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ليگ ٽو دوران ويون ڪنگما جو سيمپل ورتو ويو هو، جنهن جو ڊوپنگ ٽيسٽ هاڪاري (مثبت) آئي.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته ويون ڪنگما غلطي مڃي ورتي آهي، پر هن واضح ڪيو ته هن ميچ دوران منشيات استعمال نه ڪئي هئي.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته پابندي 15 آگسٽ کان لاڳو ٿي چڪي آهي، جڏهن ته 12 مئي تي يو اي اي خلاف ون ڊي ۽ ان کانپوءِ کيڏيل ٻين ميچن جا رڪارڊ رد ڪيا ويا آهن.
ياد رهي ته ويون ڪنگما نيڌرلينڊز جي طرفان 30 ون ڊي ۽ 26 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي چڪو آهي.