ڀلي پيسي وارو نه هجي پر..! جهانوي ڪپور کي ڪهڙي خوبين وارو مڙس کپي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مرحوم اداڪارا سري ديوي جي ڌيءُ جهانوي ڪپور ڪجهه اهڙين خوبين جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا هوءَ پنهنجي شريڪ حيات ۾ ڏسڻ چاهي ٿي.
پنهنجي فلم سني سنڪاري ڪي تلسي ڪماري“ جي ٽريلر جي لانچنگ جي موقعي تي جهانوي کان سوال ڪيو ويو ته هوءَ ڪهڙي قسم جو شريڪ حيات چاهي ٿي؟
ان جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته ان ۾ کوڙ خوبيون هجن، اڳ ۾ ته مهذب هجڻ گهرجي، ٻيو مزاحيا به هجي ۽ کاڌي جو شوقين هجي.
جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هو ڪيترو ڪمائيندڙ هجي؟ ان تي کلندي جهانوي چيو ته ڪمائي ايتري ضروري ناهي، ائين ئي هلي ويندو.
شادي جي سوال تي هن چيو ته في الحال منهنجو ڌيان ڪم تي آهي، شادي ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻو وقت پيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.