لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي سڀني پرائيويٽ ۽ پبلڪ اسڪولن ۾ شاگردن جي موبائل فون جي استعمال تي مڪمل پابندي جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.
اهو ٺهراءُ حڪومتي ميمبر راحيلا خادم حسين پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته ٻار ڪنهن به قوم جو مستقبل هوندا آهن ۽ انهن جي ذهني ۽ سماجي تربيت جي پهرين ذميواري حڪومت جي هوندي آهي، موجوده دور ۾ موبائل فون ۽ سوشل ميڊيا جي وڌندڙ استعمال سبب ٻارن جا ذهن ۽ اخلاقي قدر متاثر ٿي رهيا آهن.
ٺهراءَ ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته ان سماجي مسئلي کي سنجيدگي سان حل ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي.
ايوان تجويز ڏني ته شروعاتي طور تي سڀني اسڪولن ۾ شاگردن جي موبائل فون جي استعمال تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي ۽ ٻارن جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن جي حوالي سان به قانون سازي ڪئي وڃي.
ٺهراءَ جي منظوري کانپوءِ حڪومت تي زور ڏنو ويو ته ان معاملي ۾ فوري طور اثرائتا قدم کنيا وڃن ته جيئن تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي تربيت ۽ اخلاقي معيار تي ناڪاري اثر روڪي سگهجن.
You might also like