اهڙي عورت ناهيان جو پيسي لاءِ ريئلٽي شو ۾ ڪنهن مرد سان گڏ سمهي پوان: تنوشري دتا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا تنوشري ديا انڪشاف ڪيو آهي ته مون کي ريئلٽي شو ”بگ باس“ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هڪ ڪروڙ 65 لک رپين جي آڇ ٿي پر اها رد ڪري ڇڏيم.
اداڪارا تازو ڏنل انٽرويو ۾ ٻڌايو ته گذريل 11 ورهين کان بگ باس جي ٽيم مون سان هر هر رابطو ڪري رهي آهي پر مان ڪڏهن به ان شو جو حصو بڻجن لاءِ راضي ناهيان ٿي، هن ڀيري به وڏي رقم جي آڇ ڪئي وئي پر مان انڪار ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته ڇا مان اهڙي عورت آهيان جيڪا رڳو هڪ ريئلٽي شو لاءِ ڪنهن مرد سان هڪ ئي بستري تي سمجهي پوان؟ مان ايتري سستي ناهيان، منهنجي پرائيويسي منهنجي لاءِ قيمتي آهي.
سندس چوڻ هو ته شو ۾ سڀي مرد ۽ عورتون هڪ ئي هال ۾ سمجهندا ۽ وڙهندا آهن، جيڪو مون لاءِ قبولڻ جهڙو ناهي، هونئن به مان پنهنجي خوراڪ ۽ توانائي جي اعتبار سان زندگي گهاريندي آهي، تنهن ڪري اهڙي ماحول ۾ نٿي رهي سگهان.
تنوشري چيو جيڪڏهن اهي مون کي چنڊ جو ٽڪرو به آڻي ڏين ته پوءِ به بگ باس ۾ شامل نه ٿينديس، مان ڄاڻان ٿي ته سڪون سان ڪم ڪري ان کان وڌيڪ ڪمائي سگهان ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.