ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪچي جي علائقن ۾ آپريشن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪچو ٻڏي ويو آهي ۽ ڌاڙيل ٻاهر ايندا، انهن خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن وڌيڪ تيز ڪيو وڃي.
مراد علي شاهه چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جا منصوبا جوڙيا وڃن، روڊ، اسڪول، اسپتال، ڊسپينسري ۽ ٽرانسپورٽ جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
ان سان گڏوگڏ هن ڪراچي مان غير قانوني ٽينڪرن جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.
You might also like