پاڪ-ڀارت ٽاڪرو ۽ ” نو هينڊ شيڪ“، سياست راند جي روح کي ڌڪي ڪري وڌو!

دشمني لاک سهي ختم نه ڪيجي رشتا،
دِل ملي يا نه ملي هاٿ ملاتي رهيي

ندا فاضليءَ جي مٿيئن شعر جو پس منظر کڻي ڪهڙو به هجي پر اِهو آچر ڏينهن ايشيا ڪپ ۾ ٿيل پاڪ-ڀارت دنگل تي پورو لهي ٿو،
دبئي ۾ کيڏيل ايشيا ڪپ جي ميچ دوران اهڙا منظر ڏسڻ لاءِ مليا جو راند جوميدان به سياسي، سفارتي ۽ فوجي محاذن جو تڪرار جا نظارا پسائڻ لڳو.
ميچ ۾ ڀارتي ٽيم جي هٿان پاڪستان جي شڪست کانپوءِ جتي هڪ پاسيا پاڪستان جي شرمناڪ ڪارڪردگي تي تنقيد ٿي، اتي ئي ميچ ۾ ”اسپورٽس مين ااسپرٽ“ جي کوٽ پڻ نظر آئي جيڪا شوقينن جي نظرن کان به اوجهل نه رهي.
دبئي ۾ مقابلي جي شروعات کان ئي ڀارت ڇانيل رهيو ۽ سوريا اليون آساني سان اِها ميچ ست وِڪيٽن تان کٽي ورتي.
ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ روايت موجب ٻئي ٽيمون ميدان تي آيون، قومي ترانا وڄايا ويا ۽ پوءِ ٽاس ٿي پر ٽاس کانپوءِ ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادو پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا سان هٿ ملائڻ بدران ميدان ڇڏي ٻاهرنڪري ويو.
معاملو اتي ئي ختم نه ٿيو پر ميچ کٽڻ بعد به ڀارتي راندگرن ڪنهن پاڪستاني ڪرڪيٽرسان هٿ نه ملايو۽ سڌو ڊريسنگ روم جو در بند ڪري ڇڏيوا.

” نو هينڊ شيڪ “ تي پاڪستان ۾ احتجاج
ڀارتي ٽيم ۽ مئنيجمينٽ جي اهڙو اڻ وڻندڙ رويي تي پاڪستاني واهپيدار سوشل ميڊيا پليٽ فارم ذريعي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن ۽ هن وقت ” نو هينڊ شيڪ“ ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان طرفان ڀارتي ٽيم جي هن اڻوڻندڙ‘ رويي تي باقاعده احتجاج به ڪيو ويو.
ٽيم مئنيجر نويد اڪرم چيما جو چوڻ هو ته ٽاس وقت ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ ڪپتانن کان چيو ته ھٿ نه ملائين ۽ پاڪستان ريفري جي اهڙي رويي تي باظابطا احتجاج رڪارڊ ڪرايوآهي .
پاڪستاني ٽيم جي مئنيجر ڀارتين جي هٿ نه ملائڻ کي ”اسپورٽس مين ااسپرٽ“ جي خلاف قرار ڏنو ۽ چيو ته پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا احتجاجن ميچ جي پڄاڻي واري تقريب ۾ به شرڪت نه ڪئي.

پي سي بي جي ردعمل
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته پي سي بي آءِ سي سي کي ميچ ريفري جي آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۽ ايم سي سي جي ”ااسپرٽ آف دي گيم“ جي ڀڃڪڙي بابت شڪايت ڪئي آهي.
پي سي بي چيئرمين چيو ته پي سي بي مطالبو ڪيو آهي ته ” ميچ ريفري کي فوري طور ايشيا ڪپ مان هٽايو وڃي.“
محسن نقوي وڌيڪ لکيو ته هن لاءِ پاڪستان جي عزت ۽ وقار کان وڌيڪ ڪابه شيءِ اهم نه آهي.

هيڊ ڪوچ ۽ اڳوڻن رانديگرن جا ردعمل
پاڪستاني ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن چيو ته ”ڀارتي ٽيم جي ان حرڪت تي پاڪستاني ردعمل فطري هو، اسان ميچ کانپوءِ هٿ ملائڻ لاءِ تيار هئاسين، پر هو پهريان ئي ڊريسنگ روم ۾هليا ويا هئا، اسان لاءِ ميچ جو نتيجو ۽ پڄاڻي دوران پيش آيل واقعو مايوس ڪندڙ هو.“
اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر راشد لطيف ايڪس تي لکيو ته ” توهان دنيا جي بهترين ٽيم آهيو، پر ميچ جي پڄاڻي تي هٿ نه ملائڻ توهان جو اصل رنگ وائکو ڪري ٿو، پاڪستاني رانديگر اوسيئڙي هئا پر ڀارتي رانديگر ڊريسنگ روم هليا ويا، آءِ سي سي ڪٿي آهي؟“
فاسٽ بالر شعيب اختر به ان عمل کي ”اسپورٽس مين اسپرٽ“ جي خلاف قرار ڏنو ۽ چيو ته ’راند کي سياست ۾ نه بڻايو وڃي ، شائستگي ڏيکارڻ گهرجي.“

ڀارتي ڪپتان جو موقف
ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادو چيو ته ”ڪجهه شيون اسپورٽس مين اسپرٽ کان به مٿانهون هونديون آهن“ ۽ خاطري ڪرائي ته ٽيم گڏيل طور تي اِهو فيصلو ڪيو ويو،
ڀارتي ڪپتان جو چوڻ هو ته ” اسان هتي ڪرڪيٽ کيڏڻ آيا هئاسين ۽ اسان ميدان تي مناسب جواب ڏنو.“
يادو ميچ جي ڪاميابي کي پهلگام حملي جي متاثرن جي نالي ڪيو ۽ پنهنجي ٽيم جي اها فتح ڀارتي فوج کي ارپن ڪئي.
هن چيو ته ” اسان پهلگام جي متاثرن سان گڏ بيٺا آهن ۽ هي فتح انهن جي نالي ڪيون ٿا. “
ڀارتي هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير به متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ٽيم جي ” ايڪي“کي ساراهيو.

سوشل ميڊيا واهپيدارن جو ردعمل
ميچ دوران پاڪستاني بيٽنگ جي ڪمزوريءَ سبب شوقين ۾ مايوسي ۽ سخت تنقيد ڪندي نظر آئي، جنهن دوران ڪيترن ئي واهپيدارن اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم کي ياد ڪيو ۽ ڪجھه واهپيدارن سخت بيان ڏنا ته ” ڀارت، اسان سان جنگ ڪريو، ڪرڪيٽ اسان جي وس جي ڳالهه ناهي.“
ڪجهه واهپيدارن ميچ جي پڄاڻي تي ڀارتي ٽيم جي رويي کي فلمي ۽ ڊرامائي قرار ڏنو.
هڪ واهپيدار لکيو ته ” ٻنهي ديسن جي انڌن سياستدانن جي پروپئگينڊا اڄ راند جي روح کي ڌَڪي ڪري وڌو.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.