نواز شريف جي ڌيءُ آهيان، ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ٽنگينديس: مريم نواز

ميانوالي (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته پنجاب جو پيسو عوام تي خرچ ڪنديس، نواز شريف جي ڌيءُ آهيان، ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ٽنگينديس.
ميانوالي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته وزيرن کي واضح ڪيو آهي ته جيستائين متاثرن کي رليف نٿو ملي فيلڊ مان واپس ناهي اچڻو.
هن چيو ته پهريون ڀيرو وزيراعليٰ جي ڪم ڪرڻ تي تنقيد پئي ٿئي، ٻيڙي ۾ ويٺيس ته تنقيد ڪئي وئي ڇو ويٺين، انهن کي ڪم ڇڏي باقي سڀ ڪجهه ايندو آهي.
سندس چوڻ هو ته تنقيد ۽ دعوائون ڪرڻ آسان هوندو آهي پر ڪم لاءِ گهر مان نڪري ميدان ۾ اچڻو پوندو آهي، وزيراعليٰ ٻاهر نڪري ته ٻين کي به ڪم ڪرڻو پوندو آهي، ٻين صوبن ۾ نه سي ايم ڪم ڪندو آهي نه سسٽم ڪم ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.