خوفناڪ روڊ حادثي ۾ 4 ماسترياڻيون ۽ ڊرائيور فوت

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي شهر جازان ۾ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ 4 ماسترياڻين سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو حادثو هڪ مصروف روڊ تي پيش آيو، جتي 4 ماسترياڻين کي اسڪول کڻي ويندڙ گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي.
حادثو ايترو خوفناڪ هو جو گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي ۽ ان ۾ سوار 4 ئي ماسترياڻيون ۽ ڊرائيور ٿڏي تي فوت ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.