اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (حيسڪو) خلاف ايڪشن وٺندي ڪروڙين رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
نيپرا طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته لوڊشيڊنگ تي حيسڪو تي ڪروڙين رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
فيصلي موجب حيسڪو 4 اپريل 2024 کان روز هڪ لک رپيا ڏنڊ جمع ڪرائيندي، نقصانن جي بنياد تي لوڊشيڊنگ ڪرڻ تي حيسڪو تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
نيپرا فيصلي ۾ چيو ته حيسڪو خلاف شوڪاز نوٽيس کانپوءِ ڪارروائي ڪئي وئي.
You might also like