برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي تباهي کانپوءِ چوماسيءَ جي نئين اسپيل جي اڳڪٿي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي تباهي کانپوءِ پنجاب ۾ برسات جي هڪ ٻئي اسپيل جي اڳڪٿي سامهون آئي آهي.
آچر ڏينهن پي ڊي ايم اي پنجاب طرفان ٻڌايو ويو ته 16 کان 19 سيپٽمبر تائين درياهن جي مٿانهن علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي، جنهن تي سڄي صوبي جي علائقائي انتظاميا کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته ان اسپيل سان درياهن جي سطح بلند ٿيڻ جو امڪان ۽ ٻوڏ جا به خدشا آهن.
اداري طرفان شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي درياهن جي ڀرسان وڃڻ کان پاسو ڪن.
اين ڊي ايم اي طرفان اهو به ٻڌايو ويو آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 104 ٿي ويو آهي، جڏهن ته لکن جي انگ ۾ ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.