لاهور (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪارا آئما بيگ چيو آهي ته پاڪستان ڀارت خلاف ميچ کٽي يا هارائي، ٽيم لاءِ محبت ڪڏهن گهٽ نه ٿيندي.
ايشيا ڪپ ۾ پاڪ – ڀارت ميچ جي حوالي سان آئما بيگ چيو ته پاڪستان منهنجي زندگي آهي، منهنجي دل پاڪستان سان گڏ آهي، الله ڪري ائين نه ٿئي پر پوءِ به پاڪستان کٽي يا هارائي اسان پنهنجي ٽيم سان محبت ڪيون ٿا ۽ سدائين انهن سان گڏ بيهنداسين.
هن ڪرڪيٽ جي ميدانن ۾ پنهنجي يادگار پرفارمنسز جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته مان قذافي اسٽيڊيم ۾ کوڙ دفعا لائيو پرفارم ڪيو آهي، هزارين ڪرڪيٽ شوقينن سامهون ڳائڻ هڪ شاندار تجربو هوندو آهي.
You might also like