ننڍي کنڊ ۾ چانهه سان محبت ڪيتري پراڻي آهي؟ هزارين سال؟ صدين؟ يا رڳو هڪ صدي؟
حقيقت اِها آهي ته روز مره جي عادت طور چانهه واپرائن جي روايت ننڍي کنڊ ۾ بجلي جي بلب جي ايجاد کان به نئين آهي. اڄ ڀارت يا پاڪستان ۾دنيا ۾سڀ کان گهڻي چانهه وپرائي ويندي آهي، پر عام سطح تي چانهه پيئڻ جو لاڙو ويهين صديءَ ۾ ڏٺو ويو.
چانهه، جيڪا اصل ۾ چين جو ٻوٽو هو، ڪيئن ننڍي کنڊ جو ”قومي مشروب“ بڻجي ويو، اِهو هڪ ڊگهو داستان آهي، جنهن ۾ برطانوي نوآباديتي لالچ، آفيم( پُست جي ڏوڏين جي لت) ڳجهو ٻوٽو چورائڻ جون مهمون، وڏي پئماني تي انسانن جي جبري لڏپلاڻ، سرمائيدار منڊيون ۽ زبردست اشتهاري مهمون شامل آهن.
اڻويهين صدي ۾ برطانيا کي چيني چانهه جي شديد گهرج هئي، ان جي عيوض هو ڀارت ۾ پوکيل آفيم چين کي وڪڻندا هئا. اهو هڪ زهريلو واپار هو، جنهن نه رڳو چين ۾ تباهي آندي پر ننڍي کنڊ ۾ به برطانوي اقتدار کي مضبوط ڪيو.
جڏهن چين آفيم تي پابندي لڳائي ته برطانيا جنگ مڙهي ڇڏي، جنهن کي ”آفيم جون جنگيون“ چيو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ اهي ”چانهه جون جنگيون“ به هيون.
برطانيا جلدي هڪ متبادل منصوبي تي ڪم ڪيو، يعني ننڍي کنڊ ۾ پاڻ چانهه جو پوکائي ڪرڻ، ان مقصد لاءِ هنن جاسوس موڪليا، خاص طور اسڪاٽ لينڊ جي ٻوٽن جي ماهر رابرٽ فورچون کي، جنهن چين مان ٻِج، ٻوٽا ۽ ماهر ڪاريگر چوري ڪري ننڍي کنڊ آندا، انهي دوران آسام جي ٻيلن ۾ مقامي قبيلا اڳ ۾ ئي چانهه جا ٻوٽا استعمال ڪري رهيا هئا، اهڙيءَ طرح برطانوي ڪمپنين ٻنهي ذريعن کي گڏ ڪري وڏي پئماني چانهه جي باغن جو بنياد رکيو.
اڻويهين صدي جي وچ تائين آسام ۽ دارجلنگ ۾ چانهه جي پوک عام ٿي وئي ۽ برطانيا جي بازارن ۾ ”ڀارتي چانهه“ مقبول ٿي وئي، 1888ع تائين ڀارت چين کي پوئتي ڇڏي دنيا جو سڀ کان وڏو چانهه برآمد ڪندڙ مُلڪ بڻجي ويو.
پر ان ترقي جي قيمت انسانن کي ادا ڪرڻي پئي، لکين غريب هاري، آديواسي( شيڊيول ڪاسٽ) ۽ قبائلي ماڻهو لالچ يا کين زبردستي چانهه جي باغن ۾ مزدوري ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو، جن کي ”ڪولي“ سڏيو ويندو هو ۽ سندن زندگي غلامن کان به بدتر هئي، اتي ڊگهي عرصي تائين ڪم، ڪوڙن جون سزائون، بيماريون ۽ بک بدحالي عام هئي، ڪيئي پورهيت پنهنجن ڳوٺن کان هزارين ميل ڏور جلاوطن ٿي باغن ڀرسان مستقل طور رهڻ لڳا ۽ اڄ به انهن جي اولاد کي ”ٽي ٽرائبز“ جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو.
جڏهن ويهين صديءَ جي شروعات ۾ عام ڀارتي اڃا تائين چانهه نه پيتي هئي، هي مشروب فقط انگريز آفيسرن ۽ ڪجهه شاهوڪارن تائين محدود هو.
عوام کي قائل ڪرڻ لاءِ برطانوي حڪومت وڏي اشتهاري مهم شروع ڪئي، مفت نمونا ورهايا ويا، ريلوي اسٽيشنن تي چانهه جا هوٽل کوليا ويا، فيڪٽرين ۾ ”ٽي بريڪ“ رواج پيو ۽ عورتن کي نشانو بڻائي گهرن ۾ ”چانهه پارٽي“ ڪلچر متعارف ڪرايو ويو.
هوريان هوريان چانهه ڀارتي ذائقي موجب مٽجڻ لڳي، ماڻهن ان ۾ ادرڪ، گرم مصالحو ۽ ڦوٽا شامل ڪري ”مصالحا چانهه“ ايجاد ڪئي. برطانوي ڪمپنين کي اها ڳالهه نه وڻي، ڇو ته ان سان گهٽ پن ”پتا“ استعمال ٿيندا هئا، پر مقامي ذائقو ڇائنجي ويو، اهڙيءَ طرح ”چانهه“ هڪ ديسي مشروب ۽ننڍي کنڊ جي سڃاڻپ بڻجي ويو.
آزاديءَ کانپوءِ چانهه کي ”سوَدشي مشروب“ قرار ڏنو ويو ۽ اِها ننڍي کنڊ جي مهمان نوازي ۽ سماجي زندگيءَ جي علامت بڻجي وئي. چانهه هوٽل هجي يا ريسٽورنٽ، آفيس هجي يا ڳوٺ ، هر هنڌ پهچي وئي.
اهڙيءَ طرح هڪ غير ملڪي ٻوٽو، جيڪو ڪڏهن پُست جي ڏوڏين جي نشي ۽ غلامي جي ڪهاڻي سان جڙيل هو، اڄ ننڍي کنڊ ثقافت ۽ روزاني زندگيءَ جو لازمي حصو بڻجي ويو آهي.
You might also like