آءِ پي ايل کانپوءِ هڪ ٻي ڀارتي ليگ ۾ ميچ فڪسنگ جو انڪشاف

لکنئو( ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ٿيل ”يو پي ٽي ٽوئنٽي ليگ“ تي لڳل ميچ فيڪسنگ جي الزامن ڪرڪيٽ جي دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو آهي
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ٽورنامينٽ ۾ شامل هڪ ٽيم ”ڪاشي ردراز“ جي ٽيم مئنيجر ارجن چوهاڻ دعويٰ ڪئي آهي ته کيس هڪ بُڪي طرفان ميچ فيڪس ڪرڻ تي هڪ ڪروڙ ڀارتي رپين جي آڇ ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ شخص، جنهن پاڻ کي لکنئو ۾ بُڪي طور متعارف ڪرايو، مئنيجر سان رابطو ڪيو ۽ هڪ رانديگر جي خراب ڪارڪردگي جو مطالبو ڪيو.
ذريعن موجب، الزامن جي بنياد تي لکنئو جي سشانت گالف سٽي پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.
ايف آءِ آر موجب، هڪ همراهه(بُڪي) ٽيم مئنيجر سان انسٽاگرام آءِ ڊي @vipss\_nakrani ذريعي رابطو ڪيو ۽ پنهنجو هڪ وڏو بُڪي طور تعارف ڪرايو.
ايف آءِ آر ۾ اهو به الزام لڳايو ويو ته بُڪي مئنيجر کي ميچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 لک رپيا ڪمائڻ جو لالچ به ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.