چيلهه جي سور جو سولو، بهترين ۽ سستو علاج!

هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته روز هڪ سئو منٽن تائين پنڌ گهمڻ سان چيلهه جي دائمي سور جو خطرو ٽيويهه سيڪڙو گهٽجي سگهي ٿو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته پنڌ ڪرڻ جو مقصد ڊوڙڻ ناهي، پر رڳو آهستي آهستي هلڻ آهي.

هن تحقيق ۾ اها ڳڻپ ڪئي وئي آهي ته روز پنڌ ڪرڻ نه رڳو صحت لاءِ فائديمند آهي، پر ايندڙ وقت ۾ معذوري جي خطري کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

تحقيق ۾ پڌرو ڪيو ويو آهي ته 100 منٽ تائين پنڌ ڪرڻ سان چيلهه جي سور جا خطرا ٽيويهه سيڪڙو گهٽجي ويندا آهن.

هن تحقيق کي اهم سمجهيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته صحت جي عالمي اداري جي رپورٽ موجب دنيا ۾ لڳ ڀڳ 60 ڪروڙ ماڻهو چيلهه جي سور ۾ مبتلا آهن، جنهن کي مستقبل ۾ معذوري جو سبب سمجھيو وڃي ٿو.

تحقيق جو سربراھ ۽ ناروي يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي ۾ پروفيسر ريان حداد چيو آهي، "پنڌ ڪرڻ هڪ سادي، سولي ۽ دستياب ورزش آهي جنهن سان چيلهه جي سور جي خطرن کي سولائي سان گهٽائي سگھجي ٿو.”

تحقيق ۾ 11 هزار ماڻهن کان ڊيٽا حاصل ڪيو ويو، جنهن ۾ انهن کي هڪسليمٽرس ٻڌايو ويو ۽ انهن جي پنڌ ڪرڻ جي عادت جو جائزو ورتو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.