بيونس آئرس (ويب ڊيسڪ) ارجنٽينا فٽبال ٽيم جي ليجنڊري ڪپتان ليونل ميسي ايندڙ فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ شرڪت بابت غير يقيني جو اظهار ڪيو آهي.
38 ورهين جي فٽبالر چيو آهي ته هو غور ڪري رهيو آهي ته ڇا هو پنهنجي جسماني فٽنيس ۽ ڪارڪردگي جي لحاظ کان ايندڙ ورلڊ ڪپ کيڏڻ جي لائق هوندو يا نه.
وينزويلا خلاف ورلڊ ڪپ ڪواليفائنگ ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي 2 گول اسڪور ڪرڻ کانپوءِ ميسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن اڃا تائين ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ حتمي فيصلو ناهي ڪيو.
هن چيو ته هو هر ميچ کان پوءِ پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندو، موجودا سيزن مڪمل ڪندو، پوءِ پري سيزن کيڏندو ۽ ڇهه مهينن بعد پنهنجي جسماني حالت ڏسي فيصلو ڪندو ته شرڪت ڪرڻي آهي يا نه.
ميسي اعتراف ڪيو ته عمر هڪ فطري رنڊڪ آهي ۽ 2026 ۾ سندس عمر 39 سال ٿي ويندي، جيڪا ڪنهن به رانديگر لاءِ عالمي مقابلي ۾ چئلينج بڻجي سگهي ٿي.
پر هن چيو ته هو اڃا تائين پاڻ کي سٺو مقابلو ڪرڻ ۽ بهترين راند پيش ڪرڻ جي قابل محسوس ڪري ٿو، پر حتمي فيصلو وقت تي ڇڏڻ چاهي ٿو.