ڪَن جي ميرٽ خطرناڪ بيماري بابت ٻڌائي ٿي

آمريڪن ڪيميڪل سوسائٽي جي ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته انهن هڪ نئون سسٽم تيار ڪيو آهي جيڪو شروعاتي مرحلي ۾ پارڪنسنز بيماري جي سڃاڻپ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو.

بيماري جي سڃاڻپ ڪن جي ميرٽ ۾ موجود هڪ جز سيبم جي بدبوءِ ۾ موجود هوندي آهي. ان سڻڀي مواد جي پيداوار جسم ڪندو آهي ته جيئن چمڙي کي تَر ۽ محفوظ رکي سگهي.

پارڪنسنز سان متاثر ماڻهن ۾ سيبم جي هڪ خاصيت ۽ مشڪي بوءِ ٿي سگهي ٿي جنهن جو سبب سيبم مان خارج ٿيندڙ ووليٽائ آرگينڪ مرڪب (جيڪي تيزي سان هوا ۾ اڏري ويندا آهن) ۾ تبديلي ٿيڻ هوندي آهي.

سيبم خارج ٿيندڙ انهن مرڪبن جي نشاندهي جي لاءِ ماهرن ان بيماري واري 209 ماڻهن جي ڪنن مان نمونا ورتا، جن مان اڌ کان مٿي ۾ ان ڪيفيت جي سڃاڻپ ڪئي وئي.

انکانپوءِ گيس ڪروماٽوگرافي ۽ ماس اسپيڪٽروميٽري ٽيڪنڪ جو استعمال ڪندي حاصل ٿيندڙ مرڪب جو تجزيو ڪيو ويو.

انهن ووليٽائيل آرگينڪ ڪمپائونڊز مان چار جيڪي پارڪنسنز سان متاثر ٿيل ماڻهو لڌا ويا اهي ان بيماري کان پاڪ ماڻهن جي ڀيٽ ۾ مختلف هئا. انهن مرڪبن ۾ ايٿائيل بينزين، 4-ايٿائيل ٽولين، پينٽانال ۽ 2-پينٽاڊيسائل-3،1 ڊائيڪسولين شامل آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي مرڪب پارڪنسنز جون امڪاني نشانيون ٿي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.