نوجوانن ۾ ڪينسر وڌڻ جا ٽي وڏا سبب ڪهڙا آهن؟

تازين تحقيقن ۽ صحت جي عالمي ادارن جي رپورٽن موجب نوجوانن ۾ ڪينسر جا وڌندڙ ڪيس ماحولياتي گدلاڻ، پلاسٽڪ جو وڌندڙ استعمال ۽ خراب غذا سبب ٿي رهيا آهن.

گدلاڻ (Pollution)

هوا جي گدلاڻ خاص ڪري مائڪرو پارٽيڪلز ساهه ذريعي جسم ۾ داخل ٿي پڦڙن، رت ۽ سيلز تائين نقصان پهچائين ٿا. پاڻي ۽ مٽي جي گدلاڻ به زهريلا ڪيميڪل جسم ۾ داخل ڪري ٿي، جيڪي وقت سان گڏ سيلز ۾ تبديلي آڻي سگهن ٿا.

پلاسٽڪ جو وڌندڙ استعمال

پلاسٽڪ جون بوتلون، پيڪنگ، رانديڪا ۽ روز مره استعمال جون شيون "ٿيليٽس” ۽ "بسفينول اي” جهڙن زهريلن ڪيميڪلن سان ڀريل هونديون آهن، جيڪي هارمونز جي نظام کي متاثر ڪن ٿيون. اهي ڪيميڪل نوجوانن ۾ هارمونز جي بي ترتيبي، بلوغت ۾ تبديلين ۽ ڪينسر جهڙن مرضن سان ڳنڍيل آهن، خاص ڪري ڇاتي، پروسٽٽ ۽ رت جي ڪينسر سان.

خراب ۽ غير صحتمند غذا

پروسيس ڪيل خوراڪ، وڌيڪ کنڊ، هٿرادو رنگ ۽ گهٽ فائبر واري خوراڪ جسم ۾ سوڄ پيدا ڪري ٿي، جيڪا ڪينسر جو خطرو وڌائي ٿي. ان کانسواءِ ٿولهه به ڪيترن قسمن جي ڪينسر جو ڪارڻ بڻجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.