پي سي بي افغانستان ۽ سريلنڪا سان ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سريلنڪا ۽ افغانستان سان ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جو اعلان ڪندي شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
پاڪستان پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ٽراءِ سيريز جي ميزباني ڪندو.
پي سي بي جي پڌرائيءَ موجب ٽي ملڪي سيريز پاڪستان، سريلنڪا ۽ افغانستان جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.
جاري ڪيل شيڊيول موجب ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ 17 نومبر تي کيڏي ويندي، جڏهن ته سيريز جو فائنل 29 نومبر تي ٿيندو.
سيريز جون شروعاتي ٻه ميچون راولپنڊي ۾ ٿينديون، جڏهن ته باقي 5 ميچن جي ميزباني لاهور ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.