حڪمرانن عوام کي اٽي ۽ کنڊ مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي: ڪاشف شيخ

ڪراچي ( رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ کنڊ کان پوءِ اٽي جي قيمتن ۾ تيزي سان واڌ کي حڪومتي نااهلي قرار ڏيندي چيو آھي ته خود غرض حڪمرانن عوام کي اٽو کنڊ مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. اٽي ۽ کنڊ مافيا کي قانون جي پنجوڙ ۾ آندو وڃي ۽ کنڊ سميت عام واھپي وارين شين جي قيمتن کي عام ماڻهو جي پهچ تائين يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته ڪراچي جا شهري هن وقت ملڪ ۾ سڀ کان مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، پر ماڻهن کي غيرقانوني منافع خورن کان بچائڻ ۽ پڇاڻو ڪرڻ وارو ڪو به ناهي.ٻوڏ جي صورتحال کي بهانو بڻائي سنڌ ۾ ڀاڄين جي قيمتن ۾ پڻ واڌ ڪري غريبن ماڻھن جي مشڪلاتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته  هن وقت ڪڻڪ جي هڪ ٻوري ست هزار کان وڌي نو هزار جي لڳ ڀڳ ٿي وئي آهي، جڏهن ته هاري 2200 رپيا في 40 ڪلو جي حساب سان ڪڻڪ وڪرو ڪئي ۽ هاڻي نقصان ۾ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.