پارلياماني ايڪٽ تحت هاڻي آرمي چيف جو مدو 5 سال آهي، ان کي واڌ چوڻ بي معنيٰ: راڻا ثناءُ الله

لاهور(بيورو)وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار ۽ ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پارلياماني ايڪٽ تحت هاڻي آرمي چيف جي مدت ملازمت 5 سال مقرر ڪئي وئي آهي، تنهن ڪري هن کي توسيع چوڻ بي معنيٰ آهي۔پنجاب اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته آرمي چيف جي مدت کي بنا سبب بحث جو موضوع بڻايو پيو وڃي۔ موجوده آرمي چيف جي مدت هاڻي 5 سال لاءِ آهي، جيڪا 2027 ۾ ختم ٿيندي، ان کان پوءِ ئي توسيع جو سوال اٿندو، جنهن بابت تڏهن جي حڪومت کي فيصلو ڪرڻو پوندو،هن چيو ته ذاتي طور تي هو توسيع جي خلاف رهيو آهي، ڇو ته ملڪ ۾ غيرضروري توسيعون ٿينديون رهيون آهن، پر جيڪڏهن فيلڊ مارشل وارو رواج به هجي، ته پوءِ موجوده آرمي چيف کان وڌيڪ حق دار ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.