بالي ووڊ جي ڪَري ئي شهرت ملي ۽ اسٽار بڻيس: عاطف اسلم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور پاڪستاني گلوڪار ۽ موسيقار عاطف اسلم چيو آهي ته خدا جي مهرباني سان کيس ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، شهرت به ملي ۽ هو اسٽار بڻجي ويو.
عاطف اسلم تازو هڪ ڀارتي صحافي کي انٽرويو ڏنو جنهن ۾ هن پنهنجي فني سفر ۽ بالي ووڊ گهاريل يادگار لمحن بابت تفصيلي ذڪر ڪيو.
انٽرويوءَ دوران عاطف اسلم ڀارتي گلوڪارن شيکر روجاڻي ۽ مِٿُن جي واکاڻ ڪندي چيو ته کيس ٻنهي سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، ساڻن ڪيئي يادون جڙيل آهن.
هن چيو ته شيکر روجاڻي شاعري سان گڏ موسيقي جي به چڱيءَ ڄاڻ رکي ٿو، جڏهن ته مٿُن سان هن ان وقت ڪم ڪيو هو، جڏهن ٻئي پنهنجي پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي دور ۾ هئا.
عاطف اسلم چيو ته کيس خوشي آهي ته سلمان خان تي فلمايل ڪيئي گيت سندس آواز ۾ آهن، جن جون يادون اڄ به ساڻس گڏ آهن.
هن چيو ته جيتوڻيڪ ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ سبب هو ڀارت نٿو وڃي سگهي، پر پنهنجي ڀارتي مداحن ۽ ساٿين کي گهڻو ياد ڪري ٿو، ڇو ته اتي ڪم دوران ڪيئي يادگيرين سان هو اڄ به جڙيل آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ عاطف اسلم تسليم ڪيو ته پاڪستاني شوبز انڊسٽري بالي ووڊ جي ڀيٽ ۾ ننڍي آهي ۽ هتي سپر اسٽار جو ڪو تصور ئي ناهي.
هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ خدا جي فضل سان کيس ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ بالي ووڊ جهڙي وڏن نالن واري ”ٻيلي“ ۾ کيس نه رڳو جاءِ ملي پر شهرت جي بلندين تي به پهتو، هو هڪ جڳمڳائيندڙ تارو بڻجي ويو.
عاطف اسلم وڌيڪ چيو ته خدا جي خاص مهرباني سبب کيس نه رڳو ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو پر وڏي شهرت به نصيب ٿي، هو اڄ به بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ وارا ڏينهن کي دِل سان ساري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.