ڪراچي ۾ مدي خارج دوائون وڪرو ڪندڙ گروهه جا 7 جوابدار گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ مدي خارج دوائون کپائيندڙ گروهه جي 7 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، گروهه جو سربراهه شڪيل پنهنجي ساٿين سان گڏجي مدي خارج دوائون وڪرو ڪندو هو.
ڪراچي ۾ بن قاسم پوليس ڪارروائي ڪندي صحت لاءِ هاڃيڪار مدي خارج دوائون وڪرو ڪندڙ گروهه جي 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس ٻڌايو ته جوابدارن ۾ شڪيل، امير، سيف الرحمان، مير عالم، نظام، حسين ۽ شوڪت شامل آهن، اهي مختلف فارماسيوٽيڪل ڪمپنين مان مدي خارج دوائون ۽ ڪچو مال چوري ڪري انهن کي مارڪيٽ ۾ ٻيهر وڪرو ڪندا هئا.
پوليس موجب گروهه جو سربراهه شڪيل آهي، جيڪو پنهنجي ساٿين سان گڏجي مدي خارج دوائون وڪرو ڪرڻ جو ڌنڌو ڪندو هو، گرفتار جوابدارن خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.