اسان جي انڊسٽري عورتن لاءِ محفوظ ناهي: ماريه ملڪ

خڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي شوبز انڊسٽري ۾ تيزيءَ سان مقبول ٿيندڙ اداڪاره ماريه مَلڪ انڊسٽري ۾ عورتن سان ٿيندڙ هراساني وارن واقعن بابت ردعمل ڏنو آهي.
هڪ يوٽيوب چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ٻڌايو ته جڏهن ٽي سال اڳ انڊسٽري ۾ قدم رکيو ته مرڪزي ڪردار ڪرڻ چاهيو ٿي، پر پروڊڪشن هائوس طرفان کيس سپورٽنگ رول آفر ٿيندا هئا ۽ جڏهن هوءَ انڪار ڪندي هئي ته انهن جو رويو عجيب ٿي ويندو هو.
هڪ سوال تي ته ڇا انڊسٽري عورتن لاءِ محفوظ آهي؟ جنهن جي ماريه چيو ته ڪٿي محفوظ آهي ته ڪٿي نه، مون ذاتي طور تي اهڙو تجربو ناهي ٿيو، پر ٻڌو اٿم ته هراسانين جا واقعا ٿيا آهن، تنهنڪري لڳي ٿو ته انڊسٽري مڪمل طور محفوظ ناهي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته اهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ هوءَ گھڻو ملڻ جلڻ نه ٿي ڪري ۽ رڳو پنهنجي ڪم تائين پاڻ کي محدود رکي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.