لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀاڻيجي ۽ عليما خان جي پٽ شاهه ريز خان کي جناح هائوس حملي ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج منظر علي گل گرفتاري کانپوءِ ضمانت جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو، جيڪو ان کان محفوظ ڪيل هو، عدالت درخواست منظور ڪندي شاهه ريز جي آزادي جو حڪم ڏنو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عليما خان دعويٰ ڪئي هئي ته سندس پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي پر پوءِ پوليس سندس گرفتاري جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته شاهه ريز کي 9 مئي جي ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
You might also like