ڪراچي – حيدرآباد وچ ۾ نئون موٽر وي ٺاهڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد وچ ۾ نئون موٽر وي ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ايم 6 موٽر وي جي تعمير ۽ ايم 10 موٽر وي تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
مراد علي شاهه چيو ته حيدرآباد کان سکر ايم 6 موٽر وي گهڻي عرصي کان نظرانداز ڪيو پيو وڃي، هاڻ وفاقي حڪومت ايم 6 حيدرآباد – سکر سيڪشن جي منظوري ڏني آهي، جنهن تي ٿورائتا آهيون.
عليم خان چيو ته ايم 6 موٽر وي سيڪشن 363 بلين رپين جي لاڳت سان ٺهي رهيو آهي، جيڪو نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ٺاهيندي.
ملاقات ۾ طئي ٿيو ته ايم 6 موٽر وي تي ڪم جلد شروع ڪيو ويندو، ان دوران بريفنگ ڏني وئي ته ايم 10 ڪراچي کان حيدرآباد نئين موٽر وي جو منصوبو آهي، جيڪو 168 ڪلو ميٽر ڊگهو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.