ريناله خورد (ويب ڊيسڪ) اوڪاڙا ضلعي جي تعلقي ريناله خورد ۾ 14 ورهين جي نينگري سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
ايڊيشنل سيشن جج فيصلو ٻڌائيندي جوابدار حسنين ستار عرف ماني کي 7 سال قيد جو حڪم ڏنو، گڏوگڏ جوابدار کي ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته جوابدار تي هڪ لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو ۽ عدم ادائيگي جي صورت ۾ وڌيڪ 6 مهينا قيد ڀوڳيندو.
پوليس اختيارين موجب 2024 ۾ ستگهرا ٿاڻي جي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪيو هو.
Next Post
You might also like