حڪومت ايل پي جي سستي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جو اگهه گهٽائي ڇڏيو.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پهرين سيپٽمبر کان ايل پي جي جو گهريلو سلينڊڙ 13 رپيا 89 پيسا سستو ٿي ويو آهي ۽ 11.8 ڪلو گرام جي گهريلو سلينڊر جي قيمت 2527 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
في ڪلو ايل پي جي هڪ رپيو 17 پيسا سستي ڪئي وئي آهي ۽ ان جي نئين قيمت 214 رپيا 19 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.