پي ٽي آءِ جو قومي اسيمبلي اجلاسن جي بائيڪاٽ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته اڳتي اسان قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت بدران احتجاج ڪندي بائيڪاٽ ڪنداسين.
ٻين پارليامينٽ ميمبرن سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته اڄ تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ڪي پي هائوس ۾ ٿيو، ميمبرن کي پي ٽي آءِ باني جا حڪم پڙهي ٻڌايا ويا ۽ سڀني انهن کي درست قرار ڏنو، جڏهن ته اسان اڳتي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت بدران احتجاج ڪندي بائيڪاٽ ڪنداسين.
هن چيو ته اسان جي قومي اسيمبلي ميمبرن کان مختلف بهانن سان سيٽون کسيون ويون، کين نااهل ڪيو ويو ۽ اسان کي ڳالهائڻ به نه ڏنو ويو، اسان اسيمبلي اجلاس ۾ پنهنجي مطالبن کي جمهوري انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.