رائونتي ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، 3 ڳڀرو قتل

رائونتي / اوٻاوڙو (رپورٽ: برڪت علي گھنڃو/ عبدالحئي ڇڄڻ) رائونتي ڀرسان ماچڪو ٿاڻي جي حد نور شاهه ڪچي واري علائقي ۾ ھٿياربندن جي چڙهائي، جديد ھٿيارن سان فائرنگ، سيلرا برادري جا 2 نوجوان موقعي تي قتل ھڪ ڄڻو سخت زخمي، زخمي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، مارجي ويلن جو انگ 3 ٿي ويو، ماچڪو ٿاڻي جي حد نور شاهه ڪچي واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن چڙهائي ڪري جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، ڪمند جي فصل تي بيٺل ڳوٺ شمس الدين سيلرو جا رھواسي سيلرا برادري جا 2 ڄڻا سڪندر سيلرو ۽ محمد سليم سيلرو موقعي ئي قتل ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو عبدالحق سيلرو سخت زخمي ٿي پيو، علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، مقتولن جا لاش گھڻي دير تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا، پوليس دير سان پھچي ڪري لاشن ۽ زخمي کي پنهجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال صادق آباد منتقل ڪري ڇڏيو جتي زخمي ٿيل نوجوان عبدالحق سيلرو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي وي، مارجي ويلن جو انگ 3 ٿي ويو، پوسٽ مارٽم بعد ضروري ڪاروائي ڪري مقتولن جا مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گھر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ قھرام مچي ويو، علائقي ۾ چوٻول هلي رهيا آهن ته  واقعي جو ڪارڻ شر ڪوش ۽ سيلرا تڪرار تان پيش آيو آهي، ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.