ايشيا ڪپ ميچن جو شيڊيول تبديل

دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشين ڪرڪٽ ڪائونسل (اي سي سي) ايشيا ڪپ 2025 جي ميچن جي تبديلي ڪري ڇڏي.
نئين جاري ڪيل شيڊيول موجب، ايشيا ڪپ جون ميچون يو اي اي وقت شام جو ساڍي ڇهين وڳي يعني پاڪستان جي معياري وقت موجب شام جو ساڍي ستين وڳي تي شروع ٿينديون.
15 سيپٽمبر تي ٻه ( ڊبل هيڊر) ميچون کيڏيون وينديون، ان ڏينهن ابوظهبي ۾ يو اي اي ۽ عمان وچ ۾ ميچ ساڍي چئن وڳي جڏهن ته دبئي ۾ سريلنڪا ۽ هانگ ڪانگ وچ ۾ مقابلو شام ساڍي ڇهين وڳي شروع ٿيندو.
ميچن جي وقتن ۾ڦيرڦار موسم ۽ شوقينن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ جاري ڪيل شيڊيول تحت ايشيا ڪپ جون هڙئي ميچون شام 6 وڳي مقامي وقت تي شروع ٿيڻيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.