ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو وري وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 3 هزار 600 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 3 لک 67 هزار 400 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون به 3 هزار 172 رپيا واڌ سان 3 لک 14 هزار 986 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 36 ڊالر چاڙهه کانپوءِ 3447 ڊالر في جو ٿي ويو آهي.