” آءِ فون واهپيدارن جي واٽس ايپ ذريعي اهم معلومات هيڪ “

ميٽا جي ملڪيت، جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي آءِ او ايس ۽ ميڪ ايپس ۾ موجود ”زيرو ڪلڪ بگ “ کي فڪس ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سيڪيورٽي بگ کي ”مخصوص ٽارگيٽڊ واهپيدارن“ جي ايپل ڊوائيسز مان ڳجهي نموني ڊيٽا هيڪ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پئي ويو.
واٽس ايپ طرفان جاري ڪيل سيڪيورٽي ايڊوائزري موجب، ”واٽس ايپ بگ CVE-2025-55177 کي درست ڪري ڇڏيو آهي، ايپ ۾ موجود اِها خامي مخصوص واهپيدارن جي ايپل ڊوائيسز مان ڊيٽا هيڪ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي هئي. “

زيرو ڪلڪ بگ ڇا آهي؟
زيرو ڪلڪ بگ تحت هيڪر واهپيدار جي ڪنهن به عمل کانسواءِ ڳجهي نموني سندس ڊوائيس تي قبضو ڪري ڊيٽا چوري ڪري وٺن ٿا، واٽس ايپ جي معاملي ۾ هيڪرن ان بگ ذريعي ايپ ۾ موجود خامين جو فائدو وٺندي درجنين مخصوص واهپيدارن کي نشانو بڻايو.
ايمنسٽي انٽرنيشنل سيڪيورٽي ليب جي سربراهه ڊوناچا او ڪيئرڀيل ان حملي کي ايڪس (ٽوئيٽر) تي ”ايڊوانس اسپاءِ ويئر مهم“ قرار ڏنو هو.
هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڄاڻايو هو ته گذريل 3 مهينن دوران زيرو ڪلڪ بگ ذريعي ڳجهي نموني ڪيئي واهپيدارن کي نشانو بڻايو ويو، يعني هيڪرن بنا ڪنهن ڳالهه ٻولهه، لنڪ کولڻ يا فائل ڊائونلوڊ ڪرائڻ جي، يوزرز جو ڊيٽا چوري ڪئي، پر ٽوئيٽ ۾ هئڪرن بابت ڪنهن به قسم جي ڄاڻ شيئر نه ڪئي وئي.
هاڻي، ميٽا جي ترجمان مارگريتا فرينڪلِن تصديق ڪئي آهي ته ڪمپني ”ڪجهه هفتا اڳ“ ان خامي جي نشاندهي ڪرڻ بعد فڪس ڪري ڇڏيو آهي ۽ 200 کان گهٽ متاثر واٽس ايپ واهپيدارن ڏانهن ان سلسلي ۾ باظابطا نوٽيفڪيشن پڻ اُماڻيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.