اسلام آباد/نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارت آپريشن سندور ۾ پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ پاڪستان خلاف دهشتگردي جو ڪوڙو بيانيو وائکو ٿي ويو.
ڀارتي رياست بهار ۾ چونڊون ويجهو ايندي ئي بدنام زمانه ڳجهي ايجنسي ”را“ جي آشيرواد سان ڀارتي ميڊيا پاڪستان خلاف پروپئگينڊا شروع ڪري ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا 28 آگسٽ 2025ع تي ٽن پاڪستاني شهرين بابت هڪ من گهڙت خبر هلائي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته ٽئي پاڪستاني شهري کٽمنڊو جي رستي ڀارتي رياست بهار ۾ داخل ٿيا آهن،ڀارتي ميڊيا ٽنهي دهشتگردن کي پاڪستاني ظاهر ڪندي ريڊ الرٽ به جاري ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا جي ان ڪوڙي خبر کان ستت پوءِ ٽنهي پاڪستاني شهرين جا بيان سامهون اچي ويا ۽ ثبوتن مان ثابت ٿيو ته ٽئي شهري نيپال ۽ ملائيشيا رستي روزگار لاءِ ڪيمبوڊيا وڃي رهيا هئا.
حسنين علي 28 آگسٽ تي باتڪ ايئر ويز جي اُڏام ذريعي ملائيشيا روانو ٿيو. سندس چوڻ آهي ته هو نيپال رڳو گهمڻ لاءِ آيو هو ۽ هاڻي ڪيمبوڊيا ويندو، پوءِ واپس پاڪستان موٽي ايندو.
محمد عثمان ولد بشارت، جيڪو بهاولپور جو رهواسي آهي، 8 آگسٽ تي دبئي رستي کٽمنڊو پهتو. عثمان چيو ته ڀارتي ميڊيا سندن خلاف ڪوڙيون خبرون هلائي رهي آهي ته اسان دهشتگرد آهيون.
عادل حسين جو تعلق ميرپورخاص سان آهي، 8 آگسٽ تي FZ-344 اُڏام ذريعي کٽمنڊو پهتو، سندس چوڻ آهي ته هو 27 آگسٽ تي نيپال کان ڪيمبوڊيا پهتو، نيپال ۾ رڳو سياحت ۽ تفريح لاءِ ويو هو.
ياد رهي ته مئي ۾ پاڪستان ڀارت جي حملي جو ڀرپور جواب ڏيندي ڀارت جا 3 رافيل جهاز سميت 7 جهاز ۽ ڪيئي ايئربيس تباهه ڪري ڇڏيا هئا.
پاڪستان دنيا کي واضح ڪري چڪو آهي ته ڀارت آپريشن سندور جي نڪامي لڪائڻ لاءِ غير قانوني طورحراست ۾ رکيل پاڪستانين ۽ کي جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪري کين دهشتگرد ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.