ملڪ جي مختلف درياهن ۽ ڊيمز ۾ پاڻيءَ جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌي وئي، صورتحال جا تفصيل پڌرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف درياهن ۽ ڊيمز ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي وهڪرو معمولي حد تائين برقرار آهي.
سنڌوءَ تي مٿان قائم تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 1 لک 70 هزار ڪيوسڪ ۽ خارج 1 لک 55 هزار 200 ڪيوسڪ آهي ۽ سطح نارمل آهي۔ ڪالا باغ، جشمه ۽ تونسا وٽ به پاڻي جو وهڪرو معمولي آهي، گڊو بئراج ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ، جڏهن ته سکر ۽ ڪوٽڙي تي گهٽ سطح رپورٽ ٿي آهي.
ڪابل درياهه ۾ پاڻي جي آمد ۽ خارج 30 هزار ڪيوسڪ آهي ۽ صورتحال نارمل آهي.
جهلم درياهه تي اڏيل منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 52 هزار ڪيوسڪ ۽ خارج 8 هزار ڪيوسڪ آهي، سطح نارمل آهي، راول ۾ به معمولي وهڪرو، جڏهن ته هيڊ مرالا ۽ هيڊ خانڪي ۾ وچولي سطح نوٽ ڪئي وئي آهي،
چناب درياهه ۾ قيوم آباد وٽ ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ، جڏهن ته تريمون ۽ پنجند ۾ درياهه معمول موجب وهي رهيو آهي.
راوي درياهه ۾ جسڙ وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ آهي، جڏهن ته شاهدره ۾ مٿاهين درجي جي ٻوڏ رپورٽ ٿي آهي، بلوڪي ۾ انتهائي مٿاهين درجي جي ٻوڏ، جڏهن ته سڌنائي ۾ صورتحال معمول موجب آهي،
ستلج درياهه ۾ گنڊا سنگهه والا وٽ انتهائي مٿاهين درجي، جڏهن ته هيڊ سليمانڪي ۾ 1 لک 38 هزار 58 ڪيوسڪ سان مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي، هيڊ اسلام ۾ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي،
ان کانسواءِ تربيلا ڊيم جي موجوده سطح 1550.05 فٽ (0.05 فوٽ واڌو) آهي، منگلا ڊيم 1224.25 فٽ (0.15 فوٽ اضافي) سان نارمل حد ۾ برقرار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.