پاڪستان ۾ تيار ڪيل تاريخ جا ماحول دوست فٽبالز ايندڙ چيمپيئنز ليگ جو حصو هوندا

جڳ مشهور اسپورٽس برانڊ ايڊيڊاس يو اِي ايف اَي چيمپيئنز ليگ ۽ وومينز چيمپيئنز ليگ لاءِ پاڪستان ۾ تيار ڪيل نوان آفيشل ميچ فٽبال متعارف ڪرايا آهن.
اهي نوان فٽبال چيمپيئنز ليگ پلي آف ميچن جي پڄاڻي کان ستت پوءِ پيش ڪيا ويا.
ايڊيڊاس موجب، مردن جي ايڊيشن جو ڊيزائن اونداهين آسمان مان متاثر آهي، جڏهن ته عورتن واري ايڊيشن کي اترين روشنين ۽ خلا جي گهراين مان متاثر ٿي تيار ڪيو ويو آهي.
ٻنهي فٽبالز کي انهن فٽبال اسٽارن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي، جيڪي ايندڙ سال مئي ۾ بڊاپيسٽ ۽ اوسلو ۾ شيڊيول فائنلز جي تياري ڪري رهيا آهن.
ايڊيڊاس جو چوڻ آهي ته 2024-25 جي ايڊيشنز لاءِ تيار ڪيل فٽبال چيمپيئنز ليگ جي تاريخ جا سڀ کان ماحول دوست فٽبال آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.