ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري چيو آهي ته اسان وڏي ٻوڏ جي تياري ڪري رهيا آهون ۽ بندن تي وزيرن جون ڊيوٽيون لڳل آهن.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڄام خان شوري چيو ته درياهه جي وهڪري کي مانيٽر ڪري رهيا آهيون، اسان وٽ بند کي گهارو هڻڻ جو آپشن ناهي هوندو، اسان وڏي ٻوڏ جي تياري رهيا آهيون.
هن چيو ته مان ٻن ڏينهن کان سکر ۾ آهيان، بندن تي وزيرن جون ڊيوٽيون لڳل آهن، جڏهن ته ڪيمپون لڳائڻ لاءِ هنڌن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن بند ٽٽا ته پاڻي آبادي ۾ ويندو، سکر بيراج جو اسٽرڪچر ڪيترائي سال پراڻو آهي، گيٽ تبديل ڪري رهيا آهيون.
ڄام خان شوري چيو ته گڊو بيراج جي گنجائش 12 لک، سکر بيراج جي گنجائش 9 لک 60 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج جي گنجائش 8 لک 70 هزار ڪيوسڪ آهي.
وڏي ٻوڏ جي تياري پيا ڪيون، بندن تي وزيرن جون ڊيوٽيون لڳايون ويون آهن: ڄام خان شورو
You might also like