انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪي جي پرڏيهي وزير حقان فدان چيو آهي ته ترڪي اسرائيل سان سمورا واپاري لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا آهن.
ترڪ پارليامينٽ ۾ خطاب ڪندي حقان فدان چيو ته ترڪ سامونڊي جهازن جي اسرائيلي بندرگاهن تي وڃڻ ۽ اسرائيلي بحري جهازن کي ترڪ بندرگاهن ۾ اچڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.
حقان فدان وڌيڪ چيو ته اسرائيلي جهازن لاءِ ترڪي جي فضائي حدن جي استعمال تي به پابندي عائد ڪئي وئي آهي۔
هن واضح ڪيو ته ترڪ قوم فلسطينين جي ڏک ۽ تڪليف کي محسوس ڪري ٿي ۽ ترڪي فلسطيني عوام کي پنهنجي ڌرتيءَ تان بي دخل ڪرڻ واري ڪنهن به رٿا رد ڪري ٿو، ڀلي اهو منصوبو ڪنهن جي به طرفان پيش ڪيو وڃي.
ترڪ پرڏيهي وزير چيو ته اسرائيل خلاف اِهو فيصلو غزا پٽي ۾ جاري نسل ڪشي، اولهندي ڪناري ۽ والاريل بيت المقدس ۾ اسرائيل جي جارحاڻين ڪارروائين جي ردعمل طور ڪيو ويوآهي.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا جي لامحدود حمايت تي غزا پٽي تي قبضو ڪرڻ جو اسرائيلي منصوبو ٻه رياستي حل کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
ترڪي، اسرائيل سان سمورا واپاري لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا، سامونڊي ۽ هوائي حدن جي استعمال تي بندش
You might also like