مڙس کي سوشل ميڊيا تي طلاق ڏيندڙ دبئيءَ جي شهزادي جو آمريڪي ريپر سان مڱڻو

دبئي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي مڙس کان طلاق وٺندڙ دبئيءَ جي شهزادي شيخا مهره آمريڪي ريپر سان مڱڻو ڪري ڇڏيو آهي.
دبئي جي حڪمران شيخ مهمد بن راشد المڪتوم جي نياڻي شيخا مهره هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا ڇانيل آهي.
پرڏيهي خبرن موجب، شهزادي شيخا مهره مراڪشي-آمريڪي ريپر فرنچ مونٽانا سان مڱڻو ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، جوڙي هن سال جون ۾ پئرس فيشن ويڪ دوران مڱڻو ڪيو، جتي فرنچ مونٽانا پهريون ڀيرو ڊيبيو ڪيو هو.
ياد رهي ته شهزادي گذريل سال جولاءِ ۾ پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ذريعي پنهنجي مڙس شيخ مانا بن محمد المڪتوم کان طلاق ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.