بابر اعظم کي تيز کيڏڻ جون صلاحون ڏيندڙ محمد حارث کي پنهنجي بيٽنگ سڌارڻ جا مشورا ملڻ لڳا

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان باسط علي ۽ وڪيٽ ڪيپر ڪمران اڪمل نوجوان رانديگر محمد حارث کي بابر اعظم بابت مشورو ڏيڻ تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
هڪ وائرل وڊيو ڪلپ ۾ محمد حارث کان پڇيو ويو ته ڇا توهان کي لڳي ٿو ته بابر اعظم کي ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پنهنجي کيڏڻ جو طور طريقو بدلائڻ گهرجي؟ ان جي جواب ۾ محمد حارث چيو” ها“.
نوجوان ڪرڪيٽر جي ان جواب تي باسط علي ۽ ڪمران اڪمل سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ويو .
نجي ٽي وي چئنل جي پروگارم دوران ڳالهائيندي باسط علي چيو ته جيڪڏهن محمد حارث بابر اعظم لاءِ اهڙي ڳالهه ڪئي آهي ته کيس سزا ڏيڻ گهرجي.
هن چيو ته ” تو ڪير ٿيندو آهين بابر اعظم بابت اهڙي ڳالهه چوڻ وارو ؟“
اڳوڻي ڪپتان سوال اُٿاريو ته جيڪڏهن بابر اعظم ڪپتان هجي ها ته ڇا محمد حارث اهڙو بيان ڏئي ها؟
ساڳئي پروگرام ۾ ڪمران اڪمل چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ڪم آهي ته هو رانديگرن کي ٻڌائي ته جيڪڏهن ڪنهن سينيئر رانديگر بابت اهڙو سوال پڇيو وڃي ته ان تي ڪيئن جواب ڏيڻ گهرجي.
هن چيو ته محمد حارث به بالغ آهي ۽ کيس سمجهه آهي ۽ کيس اهو چوڻ گهرجي ها ته ” مان بابر اعظم بابت ڪيئن ڳالهائي سگهان ٿو ؟، هن پاڪستان لاءِ ماضيءَ ۾ تمام بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، پهريان مون کي اِهو سکڻ گهرجي ته مان ڪيئن پنهنجي بيٽنگ کي بهتر بڻائي سگهان ٿو.“
هوڏانهن سوشل ميڊيا واهپيدارن کي به محمد حارث جي بيان چيڙائي ڇڏيو آهي ۽ به کيس اهڙي قسم جي تبصرن کان پاسو ڪرڻ ۽ پنهنجي راند سڌارڻ جا مشورا ڏئي رهيا آهن.
واضح رهي ته بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي انٽرشنل ۾ 39.83 جي ايوريج سان 121 اننگز ۾ 4223 رنسون ٺاهي چڪو آهي، جڏهن ته محمد حارث جو جي ايوريج 18.61 آهي ۽ هن 23 اننگز ۾ 391 رنسون ٺاهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.