اڄ کان سنڌ ۾ برسات، الرٽ جاري

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي، حڪومت سنڌ پاڪستان موسميات کاتي جي اڳڪٿيءَ جي سلسلي ۾ هڪ موسمي الرٽ جاري ڪيو آهي، جنهن مطابق عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال مان مون سون جون تيز هوائون ملڪ جي اترين علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي،هن سلسلي ۾ 27 کان 29 آگسٽ دوران سنڌ ۾ وسڪاري واري برسات پوڻ جي اميد آهي۔ هن دوران روزمره جي زندگي متاثر ٿي سگهي ٿي، شهري ٻوڏ، هيٺاهين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ ۽ ڪمزور/ڪچن گهرن جي ڇتين/ديوارن، بجليءَ جي کمبن، بل بورڊن، گاڏين ۽ سولر پينلن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.