ڪراچي (ويب ڊيسڪ) 27 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ چوماسي سسٽم تحت ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتن جو امڪان ختم ٿي ويو آهي.
موسميات کاتي موجب في الحال سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ مينهن جو ڪو به امڪان ناهي ۽ آگسٽ جي آخر تائين ٻين ضلعن ۾ به تيز وسڪاري جو امڪان نه آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات ۽ بوندا باندي جو سلسلو جاري رهندو.
ان کانسواءِ موسميات کاتي اڄ لاءِ پنجاب، خيبرپختونخوا جي مٿاهين علائقن ۽ ڪشمير جي ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي به ڪئي آهي.