ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ تازين برساتن سبب سمنڊ ۾ آلودگي ۾ نمايان اضافو ٿي ويو، وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري بندرگاهن جي صفائي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته صرف صفائي ڪافي ناهي، پر آلودگي روڪڻ لاءِ به قدم کڻڻ ضروري آهي، ان لاءِ ميرين پوليوشن ڪنٽرول بورڊ کي فعال ڪيو ويو آهي، جنيد انوار چوڌري جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلي سبب برساتون غير يقيني بڻجي ويون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ برساتن جو پاڻي سمنڊ کي وڌيڪ آلوده ڪري رهيو آهي، هن ٻڌايو ته سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس جا منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا، هن وڌيڪ چيو ته سامونڊي آلودگي نه صرف شهرين جي صحت پر ماحولياتي نظام لاءِ به وڏو خطرو بڻجي رهي آهي، جڏهن ته پلاسٽڪ، تيل ۽ ڪيميائي مواد جي ڪري سامونڊي خوراڪ به متاثر ٿي رهي آهي، جنهن سبب ماهيگيرن جي روزگار کي شديد خطرا آهن، وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ماحولي تحفظ لاءِ صوبائي حڪومت سان گڏجي گڏيل حڪمت عملي تي ڪم ڪيو ويندو.