لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 10 سالن تي ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب, اها ڊاڪيومينٽري 2016 کان 2025 تائين پي ايس ايل جي سفر، ان جي لاهن چاڙهن ۽ ڪاميابين تي ٻڌل هوندي.
دستاويزي فلم ۾ خاص طور تي پي ايس ايل جي دبئي کان پاڪستان منتقلي، پرڏيهي رانديگرن کي راضي ڪرڻ ۽ آڻڻ جهڙن وڏن چئلينجز تي به روشني وڌي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪيومينٽري ۾ ڪورونا جي ڏينهن دوران پيش آيل ڏکيائين ۽ ان وقت ٿيندڙ مقابلي جو به تفصيلي ذڪر هوندو.
ان کانسواءِ پي ايس ايل ڪيئن دنيا جي وڏي ليگز ۾ اچي ٽاپ تي پهتي، ان جو به سمورو احوال پيش ڪيو ويندو.
You might also like